بيدل مسرور

بيدل مسرور

بيدل مسرور

بيدل مسرور: سنڌ جي نامياري فنڪار، موسيقار، شاعر، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار، ڊراما نگار مترجم ۽ نقاد، بيدل مسرور بدويءَ جو اصل نالو بيدل بخش مسرور آهي. هن 11 جولاءِ 1947ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو. تعليم ايم اي سنڌي اٿس. هن 1974ع ۾ ايم اي سنڌيءَ دوران شڪارپور جي لئبريرين ۾ رکيل ڪتابن جو ڪيٽلاگ عنوان سان مونوگراف لکيو. بيدل مسرور جو 1974ع کان ٽيليويزن ڪارپوريشن'>پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن سان واسطو رهيو آهي، پاڻ ڪوئيٽا سينٽر تي پنج سال پروڊيوسر ۽ اسلام آباد هيڊ ڪوارٽر ۾ ڊپٽي ڪنٽرولر به رهيو. ٿورو وقت پي ٽي وي نيشنل جو پروگرام مئنيجر به رهيو. سنڌي، اردو ۽ براهوي زبانن ۾ پروگرام پيش ڪري جولاءِ 2007ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تان سينيئر پروڊيوسر طور رٽائر ڪيو اٿس. هن ميوزڪ ۽ ڊرامن جي پروگرامن تي چار عدد گولڊ ميڊل ۽ ٽي عدد پي ٽي وي ايوارڊ حاصل ڪيا آهن. سندس مشهور پروگرامن ۾ ’هٿين گل ميندي‘ ۽ محبتون ڪي سفير (سنڌي شاعرن جي اردو ڪلام تي مبني) شامل آهن. روايتي صوفياڻي شاعري ڳائڻ سان گڏوگڏ سنڌي موسيقيءَ کي جدت ڏيڻ ۾ هن جون تمام وڏيون خدمتون آهن. خاص ڪري شيخ اياز ،امداد حسيني، استاد بخاري، قمر شهباز، ۽ ٻين وڏن شاعرن جي شاعريءَ کي هن مختلف راڳن ذريعي، پنهنجي تخليقي ڪمپوزيشن ۾ ڳائي، سنڌ ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سندس چار آڊيو ڪيسٽون به بازار ۾ آيون. سندس تصنيفن ۾ راڻي (ناوليٽ: 1971ع)، ڀوڳنا جو سفر (ڪهاڻيون 1988ع )، چاهتن جي ٽِواٽي تي ۽ آءِ لو يو (ٻه جاڙا ناول: 1999ع)، بعد ۾ چاهتن جي ٽواٽي تي (2018ع) ۽ ’آءِ لو يو‘ (2020ع) ۾ ڇپيا. ’رانول رمزن وارو‘ (قادر بخش بيدل جي ڪلام جو مطالعو 2011ع). قلوپطره (اردو ناول جو ترجمو، 2005ع)، ڪرشن چندر جي ٽن ناولن: محبت به قيامت به (2012ع)، ڪارنيوال (2013ع) ۽ ’ايڪ وائلن سمندر ڪناري‘ (2016ع) جو ترجمو، ’سپنن جو سنسار‘ (خوابن جو. نفسياتي جائزو 2007ع) ۽ ’خوابن جي تشريح‘ (سگمنڊ فرائيڊ جي مشهور ڪتاب جو ترجمو، 2020ع) شامل آهن. سندس ترتيب ۽ تاليف ڪيل ڪتابن ۾: ’ساگر جي لهرن تي‘ (حفيظ شيخ جي ڪهاڻين جو مجموعو، 1976ع)، ‘پيار جو ٽڪنڊو‘ (هند جي نَوَن سنڌي ليکڪن جو سهيوڳي ناول، 2014ع)، ’بيدل نامو‘ (2000ع) ’ڪليات مسرور ‘ ڀاڱو پهريون (مارچ 2000ع )، ‘فوائد المعنوي‘ (قادر بخش بيدل جا فارسي قول، سنڌيڪار فقير مسرور 2001ع)، ڪليات مسرور ڀاڱو ٻيو: 2010ع، ’پريم ساگر‘ (فقير مسرور جو سرائڪي، هندي ۽ فارسي ڪلام، 2005ع) ’مثنوي هير رانجهو‘ (تصنيف: فقير غلام علي مسرور)، ’مثنوي هير رانجهو‘ (فقير مسرور جي طبعزاد تصنيف، 2007ع)، شهيدِ حق (حسين بن منصور متعلق سچل سائين جي فارسي شاعري، 2011ع)، ‘قيامت نامو‘ (شاهھ رفيع الدين جي تصنيف جو ترجمو، سنڌيڪار: فقير مسرور 2015ع)، راڳ جي شرعي حيثيت (امام غزالي جي تصنيف احياءُ العلوم جي هڪ باب جو ترجمو، سنڌيڪار فقير مسرور، 2016ع)، ’سلطاني سهاڳ‘ (فقير مسرور جا طبعزاد ۽ ترجمو ڪيل مضمون، 2016ع)، ’مسدس مسرور عرف هيرن جو هار‘ (فقير مسرور جو طويل مسدس اٺون ڇاپو، تشريح سان، 2019ع)، ’تون ئي منهنجو محور آن‘ (بينا بيدل جو شعري مجموعو، 2020ع) شامل آهن. هن وقت هو سچل ڳوٺ، نزد پي سي ايس، آءِ آر ليبارٽري ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير آهي. سندس گهر واري سنڌي ڊرامن جي مشهور اداڪار بينا آهي، سندس هڪ پٽ پارس مسرور پڻ ٽي وي اداڪار ۽ پاڪستان آرٽس ڪائونسل ۾ ھدايتڪاري ۽ اداڪاريءَ جي تربيت تي مامور آهي ۽ ٻيو ڪليات مسرور ڪمرشل ۽ فلم ڊائريڪٽر آهي.


لفظ بيدل مسرورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.07.11  عيسوي

سنڌ جي نامياري فنڪار ، موسيقار ، شاعر ، ڪهاڻيڪار ، ڊراما نگار ، مترجم ۽ نقاد ، بيدل مسرور بدويءَ جو اصل نالو بيدل بخش مسرور آهي . هن 11 جولاءِ 1947ع تي شڪارپور ۾ جنم ورتو ،



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شيوارام ڦيرواڻي
خالد سنڌي
حمـيـد سـنڌي
پلي معمور يوسفاڻي
ناز سنائي
نصير سومرو 2
انتظار حسين ڇلڳري
اشفاق انصاري
چيتن ماڙيوالا
عبدالرشيد گبول
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون